دادو (ن سنڌ يار) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته عدالتن تي يقين رکان ٿي پر مون کي شڪايت ضرور آهي ته انصاف ۾ دير ٿئي ٿي، اڄ به ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس اڃان نه هليو آهي، عدالت کي گذارش ڪنديس ته مون کي جلد انصاف فراهم ڪيو وڃي دادو جي عدالت ۾ پنهنجي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته برهان چانڊيو هاءِ ڪورٽ مان ڪچي ضمانت تي آهي جتي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي 9 مئي تي ٻڌڻي ٿيندي هن چيو ته اڄ جوابدار سڪندر ۽ ذوالفقار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت 23 اپريل تي فيصلو ٻڌائيندي، اسان کي اميد آهي ته هنن جي ضمانت رد ٿيندي عدالت ۾ فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنهور پاران جوابدار سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ مختلف ڪيسن جا حوالا ڏيندي دليل ڏنا وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته 3 قتل ڪيا آهن جوابدارن سندن ضمانت رد ڪئي وڃي، جوابدار ذوالفقار چانڊيو 3 سال مفرور رهيو جنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دير ٿي عدالت جوابدار ذوالفقار ۽ سڪندر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 23 اپريل تائين محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي










