لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته عثمان بوزدار کي ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو آهي.پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما آئيني بنيادن تي عثمان بوزدار جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي ۽ اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي خط ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ عثمان بوزدار به فوري طور تي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان اسلم اقبال چيو آهي ته گورنر پنجاب پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪئي آهي جڏهن ته مراد راس جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو آئين موجب ٿيو ۽ اڄوڪي ڪابينا جي اجلاس جي آئيني اهميت هوندي. ميان اسلم اقبال چيو ته ڪابينا بحال ٿي وئي آهي ۽ جلد وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر مراد راس اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب جي گورنر وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ڪابينا کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو آهي.










