ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌ سماء، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهرين جي لاءِ خوشخبري، عبدالستار ايدهي (اورينج لائن) جي شروعات جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. عبدالستار ايڌي (اورينج لائن) جي 20 بسين جي فليٽ گذريل رات ڪراچي بندر گاهه کان ڪليئر ٿي ڊيپو پهچي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته اورينج لائن روٽ جو سول انفراسٽرڪچر جو ڪم 97 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. روٽ تي آئي ٽي ايس سسٽم جي انسٽاليشن ۽ بس ڊرائيورن جي تربيت بعد جلد اورينج لائن جي شروعات ڪئي ويندي. اورينج لائن ڪوريڊور اورنگي ،بنارس ۽ نارٿ ناظم آباد ۽ آس پاس جي شهرين کي محفوظ ۽ آرامده سفري سهولت ملي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورينج لائن بسن جو 3.88 ڪلو ميٽر ڪوريڊور آهي، جيڪو ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن آفيس (اورنگي ٽائون) کان شروع ٿي ڪري فاطمہ جناح يونيورسٽي ناظم آباد تي ختم ٿئي ٿو . ڪوريڊور تي چار جديد سهولتن سان آراسته اسٽيشن تعمير ڪيا ويا آهن. روزانو 50 هزار مسافرن جو اندازو لڳايو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورينج لائن کي گرين لائن سان ملائڻ لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني انٽيگريشن جي ڊيزائن تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي بي آر ٽي جي انٽيگريشن کان پوءِ اورينج لائن بسيون ناگن چورنگي تائين هلنديون.










