عباس عراقچي پاران 160 ٻارڙين جي قبرن جي تصوير شيئر

عباس عراقچي پاران 160 ٻارڙين جي قبرن جي تصوير شيئر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ(ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيل 160 معصوم شاگردياڻين جي قبرن جي تصوير شيئر ڪئي آهي.
سماجي رابطن واري پليٽ فارم X تي آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيل اسڪول جي هڪ سئو سٺ شاگردياڻين جي تصوير ونڊيندي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي لکيو ته هي اهو بچاءُ آهي، جنهن جو ايراني عوام سان واعدو ڪيو هو۔
عباس عراقچي وڌيڪ لکيو ته غزه کان ميناب تائين معصوم جانيون بي رحمي سان قتل ڪيون ويون آهن۔ شهيد هڪ سئو سٺ ننڍڙين شاگردياڻين کي ميناب ۾ قائم قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔
ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اٺاويهه فيبروري تي گڏيل طور حملا ڪيا هئا، جن کي آمريڪي صدر ’ايپڪ فيوري‘ جو نالو ڏنو هو۔ انهن ئي حملن دوران ايران جي شهر ميناب ۾ پرائمري اسڪول جي شاگردياڻيون آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيون هيون۔

پهنجو تبصرو موڪليو