اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صحت واري وزير عامر محمود ڪياني جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اي ٽي سي جي جج راجا جواد عباس محفوظ فيصلو ٻڌايو.عامر محمود ڪياني اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيس ۾ عامر محمود ڪياني جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عامر محمود ڪياني خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










