عاليا ڀٽ پنهنجي هالي ووڊ ڊيبيو جو ٽيزر شيئر ڪري ڇڏيو

عاليا ڀٽ پنهنجي هالي ووڊ ڊيبيو جو ٽيزر شيئر ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پنهنجي هالي ووڊ ڊيبيو جي پهرين جھلڪ مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي.عاليا ڀٽ پنهنجي ايندڙ فلم ”هارٽ آف اسٽون“ جو ٽيزر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيو آهي جيڪو فوري طور تي وائرل ٿي ويو آهي ۽ مداحن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي.وڊيو ۾ اداڪارا جي ايڪشن منظرن کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.عاليا ڀٽ به مداحن کي فلم جي رليز بابت آگاهي ڏني آهي، جيڪا ايندڙ سال نيٽ فلڪس تي دستياب هوندي.ايڪشن ۽ ٿرلر فلم ۾ هالي ووڊ اداڪاره گل گڊٽ به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو