عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدو ٿيڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل (خام تيل) جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ اچي وئي آهي. رپورٽن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 2 سيڪڙو تائين لاٿ ٿي آهي.برينٽ خام تيل 77 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آئي (WTI) 73 ڊالر ۽ يو اي اي مربن (UAE Murban) 69 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ايران جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ برينٽ خام تيل جي هيءَ سڀ کان گهٽ ترين سطح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو