عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 91 ڊالر في بيرل تي اچي ويو

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 91 ڊالر في بيرل تي اچي ويو

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نئين سفارتي ڊيل ۽ معاهدي جون اميدون روشن ٿيڻ بعد عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جي وڏي گهٽتائي واقع ٿي وئي آهي. بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 91 ڊالر في بيرل جي سطح تي اچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل (WTI) جي في بيرل قيمت 84 ڊالر 43 سينٽس ڏٺي وئي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد مارڪيٽ تي هاڪاري اثر ڇڏيا آهن، جنهن سان عالمي سطح تي تيل وڌيڪ سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو