عالمي برادري اسرائيل کي سبق سيکاري،ترڪ صدر

انقره(ويب ڊيسڪ)ترڪي صدر رجب طيب اردگان فلسطين تي اسرائيل جي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي نائيجيريا جي هم منصب سان ٽيليفون تي گفتگو ڪئي جنهن ۾ فلسطين تي اسرائيل جي وحشي حملن بابت عالمي رويو تي بحث ڪيو ويو.ترڪي جي ميڊيا موجب ، صدر طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيل قانون ، انصاف ۽ ضمير کان بالاتر هڪ ناجائز رياست آهي ، عالمي برادري اسرائيل کي سبق سکاري ان جي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون .رجب طيب اردگان اميد ظاهر ڪئي ته نائيجيريا صيهوني ظلم ۽ بربريت واري مسئلي تي فلسطينين سان يڪجهتي ڏيکاري ٿو.ياد رکڻ گهرجي ته گذريل چئن ڏينهن کان اسرائيل غزه ۽ فلسطين جي ٻين حصن ۾ بمباري ڪري رهيو آهي ۽ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ هن وقت تائين 109 فلسطيني شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.ان دوران آمريڪا فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو