ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 43 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هي رقم پاڪستان هائوسنگ ۽ پنجاب ۾ هائوسنگ جي رٿائن لاءِ ٽن منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. هي رقم گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر خريدڻ ۾ مدد ڪرڻ تي خرچ ٿيندي. عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اها رقم جلد پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندي.










