لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد کي پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ (ون ڊي ۽ ٽي 20) ٽيم جي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب عاقب جاويد کي زمبابوي ۽ ايندڙ سيريز لاءِ غور ڪيو پيو وڃي.وائيٽ بال هيڊ ڪوچ بابت فيصلو جلد اچڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻي قومي ڪوچ کي مستقل ذميواريون ڏيندو.گيري ڪرسٽن آسٽريليا جي دوري کان اڳ هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي کي آسٽريليا جي دوري لاءِ عبوري ڪوچ مقرر ڪيو ويو.پاڪستان کي 24 نومبر کان 5 ڊسمبر تائين زمبابوي خلاف سيريز کيڏڻو آهي.پاڪستاني ٽيم 10 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز کيڏندي، جنهن ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون شامل آهن.










