اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ وضاحت ڪئي آهي ته آمريڪي حراست ۾ موجود ڊاڪٽر عافيه صديقي کي واپس ڇو نٿو آندو وڃي.سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو آخري اجلاس پيپلز پارٽي جي سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ ٿيو.فاروق ايڇ نائيڪ پرڏيهي کاتي جي آفيسرن ۽ ڪميٽي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اها ڪميٽي جو آخري اجلاس هو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ قيدين جي مٽا سٽا واري معاملي تي غور ڪيو ويو، جنهن دوران پي ٽي آءِ سينيٽر وليد اقبال چيو ته گهرو وزارت جا 11 ملڪن سان معاهدا آهن.هن چيو ته قيدين جا تفصيل ٻين ملڪن سان جمع ڪرايا وڃن، معاهدن جون ڪاپيون پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت جي ويب سائيٽ تي لڳايون وڃن. ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان جو آمريڪا سان قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر عافيه صديقي کي واپس نٿو آڻي سگهجي.پرڏيهي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن دنيا کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن کان آگاهه ڪيو آهي.هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته افغانستان هن ڀيري دوحه فورم ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان افغانستان کي چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪري.پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته افغانستان تازي واقعي جي مذمت ڪئي آهي، افغانستان ۾ امن هوندو ته پاڪستان ۾ به امن هوندو، افغانستان سان لاڳاپا جاري آهن ۽ ملاقاتون به جاري آهن.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ افغانستان سان ڳالهيون ٿيون آهن، ڊي جي ايم او ذريعي افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ملا شيرين افغانستان جي نمائندي ۽ سندس ڊي جي ايم او آهي.پرڏيهي سيڪريٽري جو اهو به چوڻ آهي ته افغانستان کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا دهشتگردي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي مذمت ڪئي وڃي، 5 لک افغان پناهگيرن جي واپسي جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.










