عابد علي 16 سالن جو پراڻو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

عابد علي 16 سالن جو پراڻو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عابد علي سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريرز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي 16 سالن جو پراڻو رڪارڊ به برابر ڪري ڇڏيو آهي. عابد علي پهرين ٽيسٽ ۾ 109 ۽ ٻي ميچ ۾ 174 رنسون ٺاهيون اهڙي طرح ڪيريئر جي ٻنهي شروعاتي ٽيسٽ ميچن جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهو منفرد اعزاز انگلش ڪرڪيٽر رچرڊ جانسن وٽ هيو جنهن 2003 ۾ ٺاهيو هيو. عابد علي ڪيريئر جي ابتدائي ٻنهي ٽيسٽ ميچن ۾سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني ۽ مجموعي طور دنيا جو نائون نمبر رانديگر بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو