طوفاني هوا،وڻ ڪرڻ سبب عورت ۽ نينگر فوت

طوفاني هوا،وڻ ڪرڻ سبب عورت ۽ نينگر فوت

راڻيپور(ن س)ريلوي اسٽيشن راڻيپور روڊ تي تيز طوفاني هوا ۽ بارش دوران کجين جا 3 وڻ ڪارگو ۽ موٽر سائيڪل سوارن مٿان ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ چوڏهن ورهن جو نيگر زخمي ٿي پيو رپورٽ موجب راڻيپور ريلوي اسٽيشن روڊ تي پراڻي وقت جون تمام ڊگهي سطح جون بيٺل 3 کجيون هڪ ئي وقت طوفاني هوا ۽ بارش دوران اچانڪ ڪري پيون نتجي ۾ رستي تان ويندڙ ڪارگو رڪشا ۽ موٽر سائيڪل کجين هيٺان اچي ويا جنهن ڪري موٽر سائيڪل سوار 14 ورهن جونينگر شعيب رند ۽ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي پيا جن کي راڻيپور اسپتال نيو ويو جتان کين گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن اعلاج جاري هيو جڏهن ڪاروگو رڪشا جو ڊرائيور معجزانه طور بچي شهرين پهچي پنهنجي مدد پاڻ کجيء جو ملبو هٽائڻ جي ڪوشش ڪري هٽايو آخري اطلائن تائين زخمي نينگر جي حالت ڳڻتيء جوڳي ٻڌائي وئي ،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو