طالبان جو قبضو، نيوزيلينڊ جو دورو ٻڏتر جو شڪار

ڪراچي (ويب ديسڪ)افغانستان ۾ طالبان جي قبضي بعد ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو ٻڏتر جو شڪار آهي. تبديل ٿيل صورتحال سڄي دنيا ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ راندين جي سرگرمين تي به اثرانداز ٿي وئي. ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽرن پاڪستان جي دوري بابت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جيڪا پاڪستان کان اڳ بنگلاديش پهچندي، جتي  سيريز مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو رُخ ڪرڻو آهي پر مقامي ميڊيا موجب افغانستان ۾ طالبان حاوي ٿيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ جا رانديگر پاڪستان جي دوري جي حوالي سان خدشن جو شڪار آهن. ڪرڪيٽ پليئرز ايسوسيئيشن جي سربراهه هيٿ ملز جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊيڪاسن صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو