اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ق جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير طارق بشير چيما وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب طارق بشير چيما کي هائوسنگ واري وزارت نه ڏني پئي وڃي. مسلم ليگ ق جي ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق بشير چيما ڪجهه اختلافن سبب وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق بشير چيما کي وفاقي ڪابينا ۾ هائوسنگ واري وزارت نه ڏني پئي وڃي پر کيس فوڊ سيڪيورٽي ۽ بين الصوبائي رابطا واري وزارت جي آڇ ڪئي وئي جيڪا هن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. طارق بشير چيما چيو ته هو جڏهن عمران خان جي حڪومت ڇڏي ته هن وٽ هائوسنگ واري وزارت هئي.










