ضياءُ الدين يونيورسٽي جي 20هون  اجلاس، شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

ضياءُ الدين يونيورسٽي جي 20هون اجلاس، شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ضياءُ الدين يونيورسٽي ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب 2023ع جي پروقار تقريب ۾ مختلف شعبن جي 842 شاگردن کي گريجوئيٽس جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پي ايڇ ڊي، ايم ايس، ايم ڊي، ايم فل سميت ميڊيسن، ڊينٽسٽري، فارم ڊي، فزيڪل ٿراپي، آڪيوپيشنل ٿراپي، ميڊيڪل ٽيڪنالاجي، بايوميڊيڪل انجنيئرنگ، سول انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، بائيو ٽيڪنالاجي، بزنس ايڊمنسٽريشن، بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، سول انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز، ڊجيٽل ميڊيا مارڪيٽنگ، آڊيالاجي ۽ اسپيچ لينگويج ٿراپي، الٽراسونوگرافي، نرسنگ، بي ايڊ، هيلٿ ڪيئر مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ جن گريجوئيشن ڪئي هئي انهن شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ضياءُ الدين يونيورسٽي جي 20 هين سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري اجلاس جي موقعي تي پرو چانسلر ڊاڪٽر ندا حسين پاران نمايا ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارن 18 شاندار شاگردن ۾ سر ضياءُ الدين گولڊ ميڊل ايوارڊ پڻ ورهايا ويا. گولڊ ميڊل کٽڻ وارن ۾ عائشه منير آرائين (ايم بي بي ايس)، اريبا سهيل (فارم ڊي)، زينب فاطمه (ڊي پي ٽي)، حديقہ تاباني (ڊي او ٽي)، بختاور اشرف (بي ايس اين)، مهزيب پاشا (بي بي اي)، مقدس ڪنول (ميڊيڪل ٽيڪنالاجي) حبا حفيظ (بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي)، امينه عبدالمجيد (بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ)، طلحه سليم (بائيو ٽيڪنالاجي)، جابر حسين (سول)، محمد بن امجد (اليڪٽريڪل)، فريال زهرا (سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، محمد محسن (سول انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي)، عبادالحق (اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي)، سنيلا اظهر (ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا سائنسز)، رابعه افضل (آڊيالاجي اينڊ اسپيچ لينگويج ٿراپي)، عائشه علي (ڊينٽل سرجري) شامل آهن. ان موقعي تي گريجوئيٽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيندي تقريب جي مهمان خاص صوبائي وزير مڪاني سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مون کي خبر آهي ته منزل توهان لاءِ آسان نه هئي پر توهان جي ڪوشش رنگ آڻيو ۽ هاڻي توهان اڳيان ايندڙ چيلنجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ علم ۽ صلاحيتن سان ليس آهن توهان جون ڪاميابيون توهان جي عزم جو ثبوت آهن. يقينن اعليٰ تعليم اسان جي سمورن مسئلن جو بنيادي حل آهي ڇو ته ان کانسواءِ ڪو به سماج ترقي نٿو ڪري سگهي. ان ڪري حڪومت جي اولين ترجيح اعليٰ تعليم کي هٿي وٺرائڻ گهرجي، شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو سکيا وٺن ۽ زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ ۽ پيشه ورانه ترقيءَ لاءِ ڪڏهن به همت نه هارين. ان موقعي تي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي نون فارغ التحصيل شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪندي سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن هي ڳالهه ذهن ۾ رکو ته توهان پيشيوراڻي اخلاقيات جي پاسداري جو حلف کڻي رهيا آهيو. پنهنجي پيشي جي ذريعي سٺو ڪم جاري رکو. ضياءُ الدين يونيورسٽي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ وڌيڪ شعبن جوڙڻ سان شاگردن کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ٿيندا. منهنجي دعا آهي ته توهان سڀني جو هڪ تمام روشن مستقبل هجي. الله تعاليٰ توهان کي حڪمت، ڪاميابي ۽ توهان جي پسنديده نظرين ۽ مقصدن کي پورو ڪرڻ جو سچو احساس عطا فرمائي. 2023ع جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ضياءُ الدين يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن شاگردن جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي چيو ته 2023 جي ڪانووڪيشن ۾ توهان سڀني کي ڀليڪار ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. گريجوئيشن کانپوءِ جاري رهڻ واري سفر ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ کان نه ڊڄو ۽ توهان جي جذبي کي توهان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي وڃڻ ڏيو. شاگردن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪردار سازي تعليم جو سڀ کان اهم پهلو آهي، ۽ اسان جي فيڪلٽي توهان کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ مان سڀني استادن جو شڪر گذار آهيان. ان موقعي تي ڊاڪٽر عاصم حسين شاگردن تي زور ڏيندي چيو ته هن سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن کي ياد رکن جن هن سفر ۾ توهان جو ساٿ ڏنو، خاص ڪري اوهان جي والدين، استادن ۽ سرپرست، توهان جئين جئين مستقبل ۾ اڳتي وڌندو، توهان کي سمورن شعبن ۾ پڻ شامل ٿيڻ جو هڪ دلچسپ موقعو ملي رهيو هوندو. مان توهان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ جي حوصلا افزائي ڪيان ٿو ۽ توهان جي مستقيل جي ڪوششن ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو. ضياءُ الدين يونيورسٽي ڪانووڪيشن 2023ع جي شاندار موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عرفان حيدر شاگردن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اڄ کان توهان پنهنجي زندگيءَ جو ايندڙ باب شروعات ڪري رهيا آهيو، چاهي اها اڳتي تعليم هجي يا پيشه وارانه دنيا ۾ قدم، مون کي ڪوئي شڪ ناهي ته توهان پنهنجي آس پاس جي دنيا تي مثبت اثر وجهندا رهندا. ضياءُ الدين يونيورسٽيءَ توهان کي علم، صلاحيتن ۽ قدرن سان آراسته ڪيو آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته آهي ته توهان انهن اوزارن کي پنهنجي ڪميونٽيز ۽ ان کان اڳتي جي مثبت تبديلين لاءِ استعمال ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو