ضلعي ۾ فوري طور جانورن کي ويڪسين لڳائي وڃي:ڊي سي

ضلعي ۾ فوري طور جانورن کي ويڪسين لڳائي وڃي:ڊي سي

نواب شاھه(رپورٽ اي ڪي ڏاھري)ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي ۾ جانورن خاص طور تي ڳائي مال ۾ ڦهلجندڙ ليمپي اسڪن بيماري کان بچاءَ لاءِ فوري طور تي ويڪسي نيشن مهم شروع ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي سستي هرگز برادشت نه ڪئي ويندي اهڙي هدايت هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ ضلعي ۾ جانورن کي ليمپي اسڪن بيماري کان بچاءُ لاءِ ويڪسي نيشن مهم جي سلسلي ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته احتياطي اپائن ۽ متاثر جانورن جي بهتر علاج سبب ضلعي ۾ هن وقت ليمپي اسڪن بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي تعلقن ۾ مال جي ويڪسي نيشن مهم جو جائزو وٺن ۽ وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اوليت جي بنياد تي ويڪسي نيشن شروع ڪرائين انهي موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ طارق نوراني ٻڌايو ته کاتي پاران ليمپي اسڪن بيماري کان بچاءَ جي ويڪسين امپورٽ ڪئي وئي آهي جيڪا مختلف ضلعن ۾ گهرج مطابق فراهم ڪئي پئي وڃي هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت تائين ضلعي ۾ 843 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان 615 جانور مڪمل صحتياب ٿي ويا آهن جڏهن ته 195 جانورن جو علاج هلندڙ آهي بيماري سبب 17 جانور مري ويا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت تائين 4 هزار 440 جانورن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ وارن علائقن ۾ اوليت جي بنياد تي ويڪسين شروع ڪئي پئي وڃي ته جئين بيماري کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي هن وڌيڪ ٻڌايو ته عملي جي کوٽ سبب ويڪسي نيشن مهم ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي اجلاس ۾ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ،ليمپي اسڪن بابت ضلع فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام مصطفى رند، سينئير وٽنري آفيسر دوڙ عبدالقيوم خانزادو،ڊي ايس پي پيارو خان جمالي سميت سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪار ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو