صوفي بزرگ غلام حيدر گودڙيا جو 152هون عرس ملهايو ويو

ٺري ميرواھ (ممتاز علي شر ) ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ سنڌ جي ناليواري صوفي بزرگ شاعر فقير حضرت غلام حيدر گودڙيا جو145هين عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريب درگاھ جي سجاده نشين سردار فقير سڪندر علي شر مزار تي چادر چاڙھي ڪئي. تقريب ۾مريدن، عقيدتمندن علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد صوفياڻي راڳ جي محفل ٿي گذري جنهن ۾ درگاھ جي فقيرن صوفي راڳين، فاروق فقير ممتاز علي، فقير مشتاق علي، فقير رياض علي جانوري  ۽ ٻين صوفي بزرگ غلام حيدر گودڙيا، حضرت سچل سرمست ۽ صوفي شاعرن جا ڪلام ڳائي محفل ۾ وجد طاري ڪري ٻڌندڙن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو محفل باک ڦٽي تائين جاري رهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  درگاھ جي سجاده نشين فقير سڪندر علي شر چيو ته فقير غلام حيدر گودڙيا حضرت سچل سرمست جو اول خليفو ۽ نانڪ يوسف سائين جو طالب هيو سائين جي شاعري امن ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي سندس شاعري ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ هر انسان سان محبت ڪرڻ جو پيغام شامل آهي. ان موقعي تي  مهراڻ يونيورسٽي  ڄامشورو جو ڊائريڪٽر ڀائي خان شر، پروفيسر نصير فقير شر، ڊاڪٽر الهبچايو شر، ميرمحمد شر، ابرهيم علي شر، فقير مهتاب علي شر  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو