صوفياڻو سماع، بلڙي شاهه ڪريم جو عرس شروع

بلڙي شاه ڪريم(ذوالقرنين لنڊ) عظيم صابرين اولياء ۽ سنڌ جي اوائلي شاعر حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو 408 هون ساليانو عرس شروع. عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي ٽائون ڪميٽي بلڙي شاه ڪريم جي چيئرمين سيد ارتضا شاه ڪاظمي چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ منور مهيسر درگاھ شاه ڪريم تي گلن جون چادرون چاڙهي ڪيو ۔جنهن بعد سمورن اڳواڻ ۽ آفيسر درگاه شاھ ڪريم جي اڱڻ ۾ ٿيندڙ صوفياڻي سماع ۾ به شرڪت ڪئي ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاھ کي درپيش مسئلن کان بخوبي واقف آهيان انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائبو ۔ هن چيو ته هن سال ميلي ۾ اسان سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا آهن واڪ ٿرو گيٽس سي سي ٽي وي ڪيمرائن نصب ڪرڻ سميت مرد ۽ ليڊي پوليس اهلڪارن جي وڏي انگ کي مقرر ڪيو ويو آهي هن چيو ته زائرين جي هر مسئلي کي بنا دير حل ڪيو ويندو، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ منور مهيسر چيو ته اوقاف کاتي پاران درگاه شاھ ڪريم کي درپيش مسئلن جي حل لاء جوڳا انتظام ڪيا ويا آهن ان موقعي تي اي سي بلڙي شاھ ڪريم عبدالغفار  ڊي ايس پي سيد مجاهد شاھ مختيارڪار شاھ ڪريم ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا ۔ ٻي طرف صحت کاتي پاران ميلي جي موقعي تي ميڊيڪل ڪيمپ به هنئي وئي آهي ۔درگاه ۽ ان جي پسگردائي ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام به ڪيا ويا آهن هوڏانهن رات جو صوفياڻي سماع جي محفلن جو به بندوبست ڪيو ويو آهي  ۔ جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ درگاه جي اڱڻ ۾ خيما کوڙي مرشد جي درٻار ۾ حاضري ڏيڻ لاء موجود آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو