ڪراچي (رپورٽر): آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وڪيلن سان اهم ملاقات ڪئي. انهيءَ موقعي تي ميڊيا ۽ وڪيلن سان گفتگو ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ مير رضا ڪيس کانسواءِ هن وقت ڪو به وڏو ڪيس سامهون ناهي آيو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سوچ ۽ رويي کي تبديل ڪرڻو پوندو.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ 1 لک 7 هزار پوليس فورس موجود آهي، ڪوٿاهيون پوليس کان به ٿينديون آهن پر شڪايت اچڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن جو ازالو ڪيو ويندو آهي. هن عوام ۽ وڪيلن کي اپيل ڪئي ته پوليس خلاف شڪايت جي صورت ۾ پاڻ فيصلو ڪرڻ بجاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ وڪيل هڪ ئي انصاف جي نظام جو حصو آهن، ٻنهي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي تاکہ عوام جو ڀلو ٿي سگهي.










