صوبن وانگر اسلام آباد جي پنهنجي قانونساز اسيمبلي جي قيام لاءِ درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻين صوبن وانگر اسلام آباد جي پنهنجي قانونساز اسيمبلي جي قيام لاءِ داخل درخواست تي وفاق ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪندي 27 مارچ تائين جواب گهري ورتو سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ايس ايم ياور گرديزي ايڊووڪيت پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي درخواستگذار ايس ايم ياور گرديزي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت ريمارڪس ڏنا ته وفاق ۽ اٽارني جنرل 27 مارچ تائين جواب جمع ڪرائين جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي عدالت قانونسازي لاءِ يا آئين ۾ ترميم لاءِ هدايت ڪري سگهي ٿي. درخواست گذار پاران چيو ويو ته مان اسلام آباد جي رهواسين جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان دهلي ۽ آسٽريليا ۾ اهڙي قسم جي حڪومت آهي درخواست گذار عدالت کي اپيل ڪئي ته پارليامينٽ کي هدايت ڪريو پوءِ ان جو اختيار آهي ته اها ان کي ڪيئن وٺي ٿي پاڪستان ۾ اسلام آباد ئي هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جي ڪائي اسيمبلي نه آهي اسلام آباد ڪنهن صوبائي اسيمبلي جي دائره اختيار ۾ نٿو اچي عدالت وفاق ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو