صوبائي وزير ناصر شاهه سان مراڪشي وفد جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير مڪاني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي سوئيپ پروجيڪٽ جي تحت جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي وڌيڪ معياري بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيد نجم شاهه، مينيجنگ ڊائريڪٽر سالڊ ويسٽ زبير احمد چنا ۽ سوئيپ پروجيڪٽ جي ٽيم سان گڏ مراڪش جي مطالعاتي دوري جي موقعي تي مراڪش جي لاڳاپيل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته صوبي سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، سيوريج ٽريٽمينٽ اورويسٽ ٽو انرجي جي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جا منافعي بخش ۽ پرڪشش موقعا موجود آهن جڏهن ته سالڊ ويسٽ جي حوالي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سيڙپڪارن هن سيڪٽر ۾ خاص دلچسپي ۽ سيڙپڪاري لاءِ رابطو ڪيو آهي صوبائي وزير چيو ته سوئيپ پروجيڪٽ ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي ماهرن تي ٻڌل بهترين ٽيم ويسٽ جي حوالي سان قدمن ۾ مصروف آهي. ان موقعي تي مراڪش جي نمائندي وفد، پاڪستاني وفد کي انجنيئرڊ لينڊ فل سائٽس، گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن (جي ٽي ايس)، مٽيريل ريڪوري جي سهولت (ايم آر ايف)، ريفيوز ڊرائيوڊ فيول (آر ڊي ايف) پلانٽ، روڊن جي صفائي جو طريقيڪار. جديد مڪينيڪل سوئيپنگ جي نظام جو دورو ڪرايو ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم جي 15 سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان کان علاوه هن جديد طرز تي ڪچرو کڻڻ، ٽريٽمينٽ ۽ محفوظ طريقي سان ڪچرو ٺڪاني لڳائڻ جي عمل کي طريقيڪار کي ڏٺو جتي کين ان بابت ٽيڪنالوجي جي مڪمل بريفنگ ڏني وئي. ان مطالعي دوري جو مقصد ڪراچي ۾ سوئيپ پروجيڪٽ جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سوئيپ (SWEEP) پروجيڪٽ جي تحت انجنيئرڊ لينڊ فل سائٽس، گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن (جي ٽي ايس)، مٽيريل ريڪوري جي سهولت (ايم آر ايف) فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته پروجيڪٽ ويسٽ ٽو انرجي ۽ ريفيوز ڊرائيوڊ فيول (آر ڊي ايف) پلانٽ لاءِ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. مڪاني واري وزير وفد سان گڏ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، سيوريج ٽريٽمينٽ اورويسٽ ٽو انرجي ڪمپنيز جي امڪاني سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪئي جيڪي لاڳاپيل شعبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا آهن. ان موقعي تي مڪاني واري وزير مٿي ڄاڻايل ڪمپنيز کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو