حيدرآباد ( ن سنڌيار) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي صوبائي وزير ۽ حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي جي نگران شرجيل انعام ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ٻھراڙي سرھاڻ اعجاز ابڙو سان گڏ راھوڪي شاخ کي لڳل گهاري واري هنڌ پھتو جتي هن سندس نگراني ۾ ڳري مشينري، آبپاشي کاتي جي اھلڪارن ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان راھوڪي شاخ کي لڳل گهارو بند ڪرايو. هن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته اھي راھوڪي۽ ھوسڙي شاخ جي اثرائتي نگراني ڪن ھن چيو ته عوام جي جان مال جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آهي ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊي ڄام جي مين پمپنگ اسٹیشن جو پڻ دور ڪيو ۽ اتي صورتحال بابت عملدارن کان معلومات ورتي. ھن لاڳاپيل عملدارن کي اھاپڻ ھدايت ڪئي ته اھي ٽنڊي ڄام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي ترت نيڪال کي يقيني بڻائين، صوبائي وزير ورڪشاپ ڪالوني ۽ کسانا موري جو پڻ دورو ڪيو جتي ھن عام ماڻهن جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ موقعي تي انھن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي. ان موقعي تي چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شاھجھان پنھور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. ٻئي پاسي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمن جي ھدايت تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي نگراني ۾ شھر جي ٽنهي تعلقن پمپمنگ اسٽيشنز ۽ ڊي واٽرنگ پمپ وسيلي برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم جاري آهي.










