صنم نامناسب ٻولي نه ڳالهائيندي، هاءِ ڪورٽ جو حڪم

صنم نامناسب ٻولي نه ڳالهائيندي، هاءِ ڪورٽ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ صنم جاويد جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي سندس آزادي جي درخواست اڪلائي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته صنم جاويد هاڻي آزاد آهي ۽ پنهنجي صوبي وڃي سگهي ٿي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته هن انٽرنيٽ تي ڏٺو ته صنم جاويد انتهائي نامناسب ٻولي استعمال ڪري ٿي، جنهن تي معزز جج درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا توهان ضمانت ڏيو ٿا ته صنم جاويد ٻيهر غير مناسب ڳالهه نه ڪندي؟ وڪيل ميان علي اشفاق چيو ته ها صنم جاويد مستقبل ۾ نامناسب لفظ استعمال نه ڪندي.عدالت اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد صنم جاويد جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيندي سندس آزادي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي وڪيل ايڊووڪيٽ ميان اشفاق علي چيو ته اٽارني جنرل سان ملاقات ٿي آهي، اٽارني جنرل يقين ڏياريو آهي ته صنم جاويد کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪيو ويندو. ملڪ جي اٽارني جنرل اهو به چيو ته بلوچستان ۾ داخل ايف آءِ آر واپس ورتي ويندي.ميان اشفاق علي چيو ته اٽارني جنرل به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته هاڻي گرفتاري نه ٿيندي، صنم جاويد خلاف اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيس ٻن ڏينهن ۾ واپس ورتا ويندا.هن چيو ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته صنم جاويد انتهائي سخت ۽ نامناسب ٻولي استعمال ڪري ٿي، مان صنم جاويد جي طرفان عدالت کان معافي ورتي، عدالت کي يقين ڏياريو ته مستقبل ۾ احتياط ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو