صنعان خان ۽ ساٿي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد گرفتار ڪيل جسقم چيئرمين سوڌو 25 ڪارڪنن جو عدالتي رمانڊ منظور، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صنعان قريشي سوڌو گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل اُماڻي ڇڏيو، ملير مان گرفتار ڪيل جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، ملير پوليس جسقم چيئرمين ۽ اڳواڻن کي هٿڪڙيون لڳائي عدالت اڳيان پيش ڪيو، صنعان قريشي ۽ ٻين کي بڪتر بند گاڏي ذريعي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچايو ويو، صنعان قريشي عدالت پهتل ڪارڪن ۽ اڳواڻن سان ڀاڪر پائي ملندو رهيو، جسقم جي گرفتار اڳواڻن عدالت ٻاهران موجود ڪارڪنن سان ڪچهري به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو