اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.صدر پاڪستان سينيٽ جو اجلاس 19 فيبروري تي 3 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس جي صدارت چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي ڪندو، اجلاس ۾ مارچ ۾ رٽائر ٿيندڙ سينيٽ ميمبر الوداعي تقريرون ڪندا.پاڪستان جي آئين موجب سينيٽ جي اڌ ميمبرن جي چونڊ مارچ ۾ ٿيندي.










