صدر علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

صدر علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ چوڌري محمد امتياز نالي شهري طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته صدر عارف علوي صدارت جي عهدي لاءِ اهل ناهي رهيو.شهري پنهنجي درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جو صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. موقف ۾ چيو ويو آهي ته صدر هڪ سياسي پارٽي سان جڙيل ۽ جانبدار آهي.درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته صدر حڪومت جي قانونسازي کي سياسي جماعت جي چيئرمين جي چوڻ تي منظور ناهي ڪيو. درخواست ۾ صدر عارف علوي کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو