صدر عارف علوي 3 وفاقي وزيرن کي حلف کڻائي ڇڏيو

صدر عارف علوي 3 وفاقي وزيرن کي حلف کڻائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن وفاقي وزيرن کان عهدن جو حلف ورتو. حلف برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ صدر عارف علوي وفاقي وزيرن جاويد لطيف، سالڪ چوڌري ۽ آغا حسن بلوچ کان حلف ورتو. حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف به موجود هو.حلف کڻندڙ وفاقي وزيرن ۾ مسلم ليگ، ق ليگ ۽ بي اين پي مينگل جا قومي اسيمبلي ميمبر شامل آهن. صدر بي اين پي جي محمد هاشم نوٽزئي کي عهدي جو حلف پڻ ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو