اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مملڪتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.صدر عارف علوي اليڪشنز(ٻئي ترميم) بل 2023ع جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. انکانسواءِ هن پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023ع جي به منظوري ڏني، جنهن جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ جو قيام آهي. جڏهن ته صدر عارف علوي پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي بل 2023ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد ايئرپورٽن جا بهتر انتظام، آپريشن ۽ ترقي آهي.ان بل جو مقصد ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو قيام آهي.صدر ٽنهي آرٽيڪلز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني.ٻئي پاسي سينيٽ پريس، اخبارن، خابرو ايجنسين ۽ ڪتابن جو رجسٽريشن ترميمي بل به منظور ڪري ورتو جڏهن ته گنز اينڊ ڪنٽري ڪلب اسلام آباد جي قيام جو بل به سينيٽ ۾ منظور ڪيو ويو.










