صدر رئيسي جي سوڳ ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي جنازي جي جلوس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اربع تي تهران جي روڊن تي لکين ماڻهو نڪري آيا، ايراني صدر رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبدللهيان ساٿين سميت آچر تي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا. شهر جي وچ ۾، ماڻهو رئيسي جي تصويرن سان گڏ تهران يونيورسٽي ۽ ان جي چوڌاري گڏ ٿيا آهن، جتي ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي رئيسي ۽ سندس ساٿين جي جنازي نماز جي امامت ڪندو. رئيسي جو هيلي ڪاپٽر آچر تي اتر ايران ۾ ڪوهيڙي سان ڍڪيل جبل جي ڪناري تي تبريز شهر ڏانهن وڃڻ کانپوءِ ڪري تباهه ٿي ويو هو، صدر رئيسي آذربائيجان سان سرحد تي هڪ ڊيم منصوبي جي افتتاح ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس وڃي رهيو هو. سندن لاش ڳولڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ۾ ترڪي، روس ۽ يورپي يونين جي مدد به شامل هئي. سرڪاري ٽيليويزن سومر تي صبح جو رئيسي جي موت جو اعلان ڪيو هو. رئيسي، جنهن جي وڏي پيماني تي توقع ڪئي پئي وئي ته هو ايراني سپريم ليڊر جو جان نشين بڻبو، سندس عمر 63 سال هئي. سندن آخري رسمون اڱاري تي ادا ڪيون وينديون، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ حڪومتن جا سربراهه ۽اهم اڳواڻ شريڪ ٿيندا. پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ تهران پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو