ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو دورو پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. صدر آصف علي زرداري جون چيني قيادت سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري واپاري ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي نئون رخ ڏينديون. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني قيادت سان ملاقاتن دوران گڏيل واپار، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر ۽ علائقائي سھڪار کي ھٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جيڪو پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن جي دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهي. صدر آصف علي زرداري جي دوري سان نه رڳو اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پر علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ به ھاڪاري اڳڀرائي سامهون ايندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي دوري جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جو هي سفر ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وسيع ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ گڏيل ترقي جا نوان هدف حاصل ڪندا.










