لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته صدر عارف علوي ”آ بيل مجهي مار“ وارو ڪم نه ڪري. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته صدر آئين جي حدن ۾ رهي، صدر آفيس کي بليڪ ميلنگ جي اڏو نه بڻائي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ سان صدر جو ڪو به ڏيڻ وٺڻ ناهي.هن چيو ته عارف علوي اليڪشن جي معامري ۾ هروڀرو ٽنگ نه اڙائي، اهو اليڪشن ڪميشن کي غير آئين ۽ غير قانوني حڪمن تي مجبور نٿو ڪري سگهي.گهرو وزير جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن توهان جو نوڪر ناهي جو جيڪو توهان چئو اهو مڃي، عمران خان معيشت، پرڏيهي لاڳاپا ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچايو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان رياستي سربراهه جي عهدي کي سازش لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.










