اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو هو.صدر وزيراعظم جي صلاح تي طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏني.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ طارق محمود جهانگيري جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏيڻ کان پوءِ صدر پاڪستان ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏني.










