اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ايف بي آر کي حڪم ڏنو ته ملتان ۾ لائبريري کي ٽيڪس ڪٽيل رقم واپس ڪئي وڃي.صدر عارف علوي چيو ته ايف بي آر ملتان ۾ برطانوي دور جي لائبريري کي ٽيڪس ڇوٽ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي.وفاقي ٽيڪس محتسب پاران لائبريري کي 1 لک 98 هزار رپيا ٽيڪس واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار، صدر ايف ٽي او جي فيصلي خلاف ايف بي آر جي نمائندگي رد ڪري ڇڏي.صدر چيو ته لائبريري شهرين کي 20 روپين جي معمولي قيمت تي ڪتاب پڙهڻ جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.هن چيو ته بئنڪ وٽ رکيل رقم لائبريري جي بقا جو بنيادي ذريعو آهي، ايف بي آر کي گهرجي ته لائبريري کي باقي مدت لاءِ استثنيٰ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري.










