اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدارتي چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري آهي. صدارتي اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ موجب اليڪشن ڪميشن آصف علي زرداري جي نامزدگي ڪاغذن تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو.










