صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ لوڪ ڳائڻو بشير بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مشهور بلوچ لوڪ فنڪار محمد بشير بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو.بلوچي سميت مختلف ٻولين ۾ لوڪ گيت ڳائڻ وارو محمد بشير بلوچ گردي جي بيماري ۾ مبتلا هو.صدارتي ايوارڊ کٽيندڙ مشهور لوڪ ڳائڻي جي پٽ محمد رضا پنهنجي والد جي وفات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.محمد رضا جو چوڻ آهي ته والد کي اڄ منجهند ڌاري ڪالي ديبا ڀرسان آخوند بابا قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو