صحت جي سهولتن بابت کلي ڪچهري، ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪريو

سيوهڻ(رميز علي سولنگي) عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي جوڙيل هيلٿ ڪاميٽي پاران کلي ڪچهري ڪئي وئي، کلي ڪچهري ۾ هيلٿ ڪاميٽي جي سربراهه نور احمد کهرو، ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي، ڊي ايس پي سيوهڻ بشير احمد کونهارو، سيوهڻ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ رفيق احمد ڏاهري ۽ ٻين تي مشتمل ڪاميٽي ميمبرن پاران عوام کان صحت جي مسئلن بابت تجويزون ورتيون ويون.

کلي ڪچهري ۾ شهرين اڳوڻي يوسي ناظم سيوهڻ ايڊووڪيٽ محمد اشرف سولنگي، نظام الدين گنڀير ، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ غلام مصطفىٰ ميراڻي، جاويد ميراڻىٰ، ڪائونسلر علي اڪبر ڪٽوهر، فياض جمالي، عارف حسين ميمڻ ، ولي محمد عرف رميز سولنگي، محمد عرس سولنگي، سميت شهرين، صحافين، سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري صحت جي مسئلن بابت مختلف تجويزون ڏنيون، ان موقعي تي هيلٿ ڪاميٽي جي سربراهه نور احمد کهڙو ڳالهائيندي چيو ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اندر مريضن کي بهتر علاج جون سهولتون ميسر آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي کلي ڪچهري ڪري عوام کان به صحت جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي آهي، صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ عوام پاران جيڪي جيڪي تجويزون ڏنيون ويون آهن انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي سفارش ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته وڌيڪ بهتري اچي. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ڳالهائيندي چيو ته ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ 200 بيڊز آهن جيڪي هن وقت ناڪافي آهن، ان باوجود به عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، کلي ڪچهري دوران شهرين ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ نيورو سرجن ۽ ٻين مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت شڪايتون ڪيون ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ وڌيڪ ماهر ڊاڪٽرز مقرر ڪري عوام کي صحت جون بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جنهن تي هيلٿ ڪميٽي شهرين کي خاطري ڪرائي ته سندن ڏنل تجويزون سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳيان رکيون وينديون ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ۾ وڌيڪ صحت جون سهولتون ميسر ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو