صحافي کي ڌمڪين جي مذمت، نوراني کي تحفظ ڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بار ڪائونسل، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس گڏيل بيان ۾ صحافي احمد نوراني کي جان کان مارڻ جي ڌمڪين جي مذمت ڪئي آهي. صحافي احمد نوراني گذريل جمعي تي فيڪٽ فوڪس نالي ويب سائيٽ   تي سيپيڪ جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا جي خاندان جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت رپورٽ شايع ڪئي هئي. جنهن ۾ چيو هو ته 2002 تائين باجوا صاحب جو ڪو به ڪاروبار نه هو ۽ جيئين جيئن فوج ۾ هو ترقي ڪندو اهم عهدن تي پهچندو ويو ته سندس خاندان جو ڪاروبار به وڌنڌو رهيو. جنهن بعد صحافي احمد نوراني کي جان کان مارڻ ۽ ٻڍن ٻارن سميت قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.  صحافي کي دشمن جو ايجنٽ، ملڪ دشمن هئڻ سان گڏوگڏ سيپيڪ تي حملو قرار ڏنو ويو هو. جنهن جي وڪيلن، صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيم گڏيل بيان ۾ مذمت ڪئي آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. بيان م چيو ويو آهي ته احمد نوراني تي اڳ ۾ به قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو پر ان جا ملزم نه پڪڙيا ويا هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته صحافي جي خبر تي ڪو اعتراض آهي ته عدالتي ڪاروائي ڪئي وڃي. ٽنهي تنظيمن وڌيڪ چيو ته هو اظهار راءِ ۽ تقرير جي آزادي تي پابندين جي هر سطح تي مزاحمت ڪندا. ياد رهي ته احمد نوراني آمريڪا ۾ آهي ۽ هو جلد وطن اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو