صحافي تي 17 ڪيس،هاءِ ڪورٽ پاران رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گمبٽ جي صحافي عجيب لاکو خلاف 17 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي  سندس خلاف عدالت جي اڳواٽ اجازت بنا وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ اهڙو حڪم خميس تي صحافي عجيب لاکو پاران پوليس جي زيادتين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي صحافي بابت پوليس پاران داخل ڪيل رپورٽ جو پڻ جائزو وٺي 22 جنوري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت درخواست جي ٻڌڻي  شروع ڪئي ته ان موقعي تي عجيب لاکو پنهنجي وڪيل اسلم ڀٽو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو ان موقعي تي پوليس پاران صحافي خلاف داخل ڪيسن بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن جو عدالت جائزو وٺڻ بعد ان تي  عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان پنج مهينن ۾ هڪ ماڻهو تي 17 ڪيس ڪيئن داخل ڪري ورتا آهن. عدالت چيو ته جوابدار جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته ان پوليس خلاف خبرون هلايون آهن. عدالت پوليس کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪي سيڪشن اوهان ڄاڻو ٿا اهي سڀ هن خلاف ڪيسن ۾ لڳائي ڇڏيا آهن جنهن تي پوليس پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته سمورا ڪيس قانون مطابق داخل ڪيا ويا آهن جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته اسان کي خبر آهي ته ايف آءِ آرز ڪيئن داخل ڪيون وينديون آهن. ان موقعي تي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ چيو ته هڪ ماڻهو حراست هيٺ آهي ان تي هڪ وڌيڪ ڪيس ڪيئن داخل ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران ملزم جي وڪيل اسلم ڀٽو عدالت کي ٻڌايو ته عجيب لاکو کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ايڊووڪيٽ منير گلال چيو ته عجيب لاکو سکر مان ڀڄي ڪراچي پهتو آهي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي خلاف خبر هلائڻ تي انتقامي ڪارراوئي جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو