دڙو (ن سنڌ يار) سجاول ضلعي جي ايس پي سھائي عزيز ٽالپر چيو آھي ته ضلعي ۾ امن امان ۽ ڏوھن جي صورتحال ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ بھتر آھي. ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ چوڪي انچارجن کي صحافين ۽ معزز استادن سان بھتر ويو رکڻ ۽ انھن جي وڌ کان وڌ عزت ڪرڻ جا وائرليس حڪم جاري ڪيا ويا آھن. سجاول ۾ ايس پي سھائي عزيز ٽالپر پاران سجاول ضلعي جي مڙني شھرن سان لاڳاپيل سينئير صحافين جي مان ۾ دعوت ڏني ويئي. جنھن ۾ سجاول ضلعي جي صحافين جي حقن لاء جوڙيل ڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم جي صدر سورج سجاولي, جنرل سيڪريٽري آڪاش زنئور, انفارميشن سيڪريٽري امداد ميمڻ, چوھڙجمالي جو سينئير صحافي مصطفي ميمڻ, پريس ڪلب دڙو جو صدر اعجاز اختر ميمڻ, سينئير صحافي نزاڪت علي شاھ, محمد يوسف سومرو, نواز سومرو, شاھد سمون, ظھير ميمڻ, عتيق الرحمان کتري, ملڪ صديق, وقار ميمڻ, عدنان سمون, سيد غلام مصطفي شاھ سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته جرنلسٽ فورم جي صدر سورج سجاولي ۽ ٻين ايس پي سجاول کي صحافين مٿان داخل ڪيل مختلف ڪوڙن ڪيسن سميت ٻين پيش ايندڙ مختلف پھلوئن ۽ مشڪلاتن کان کيس آگاھ ڪيو. ان موقعي تي ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر صحافين کي يقين ڏياريو ته ڪنھن به صحافي سان ڪابه زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. صحافي ھن معاشري جو اھم جز آھي. جيڪو پنھنجي جان جي پرواھ نه ڪندي به انتھائي سخت تڪليفن ۽ مشڪلاتن واري پيڙھا مان گذري ٿو. اسان کي اھڙن انمول ڪردارن جي ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي. ھن وڌيڪ چيو ته سندس بھتر حڪمت عملي ۽ موثر پوليس ٽيم جي ڪوششن سان سجاول ضلعي ۾ مڪمل طور تي امن امان بحال ڪيو ويو آھي. سجاول ضلعو ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پرامن ۽ محفوظ ضلعو ثابت ٿيو آھي. انشاالله ڪنھن سان به ظلم ۽ زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. ان دوُران ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر پاران ضلعي جي مڙني پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز ۽ چوڪي انچارجن کي فور طور تي صحافين ۽ معزز استادن سان بھتر رويو رکڻ ۽ سندن وڌ کان وڌ عزت ڏيڻ جا احڪامات جاري ڪيا.
ججن جا خط،وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب جي لاڳاپن جي خبر نه هئي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
پريا ڪماري پاتال مان ٻاھر ڪئين ايندي
سوشل ميڊيا معلومات جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي