درياخان مري (ن س) روزاني سنڌيار جي رپوٽر ۽ بي باڪ صحافي ارباب مري تي حملو ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. جوا جا اڏا ھلائيندڙن ست کان 8 جوابدارن مٿس گذريل ڏينهن حملو ڪري کيس تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا. ٻن ڏينهن جي لڳاتار احتجاج بعد پوليس 8 مان رڳو ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. صحافي اڳواڻن ابراهيم راڄپر ماجد ميمڻ خالق مري غلام رسول وريل خاصخيلي شير مري امان الله ۽ ٻين جي سربراهي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هنن چيو ته حملا ڪندڙ ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. جن ۾ نيڪ محمد مبيجو گلزار مبيجو وھاب مبيجو نويد مبيجو عنايت مبيجو ۽ ٻياشامل آهن. جن بنا جواز قلم ڌڻي ارباب مري تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. هنن وڌيڪ چيو ته صحافين تي دهشتگردي جا ڪيس ٿيڻ ۽ سري عام حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هنن چيو ته سنڌ ۾ قلم ڌڻي غير محفوظ بڻجي ويا آهن کين سچ لکڻ جي سزا ملي ٿي. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته صحافي ارباب مري تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ منور علي رند تي ٿيل حملي خلاف به مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.










