صارفين جي بجلي جا سڀ مسئلا حل ڪبا، کلي ڪچهري

صارفين جي بجلي جا سڀ مسئلا حل ڪبا، کلي ڪچهري

ٽنڊوباگو(رپورٽ رفاقت جروار)حيسڪو ايڪسيئين جي بجلي جي مسئلن بابت کلي ڪچهري، کلي ڪچهري دوران ٽنڊوباگو ۾ صبح جو 8 بجي کان 3 بجي تائين بجلي بند. خبر موجب حيسڪو چيف حيدرآباد نور محمد سومرو جي هدايتن تي سپريڊنٽ انجنيئر عبدالغفور شيخ، ڊي سي ايم ذوالفقار علي ميمڻ، ايڪسيئن اشفاق ڀٽي، ايس ڊي او تلھار وسيم ڪورائي ۽ لائين سپريٽنڊنٽ فدا حسين ميمڻ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جا بجلي متعلق مسئلا ٻڌي موقعي تي حل ڪيا. ان موقعي تي عبدالغفور شيخ چيو ته ته بجلي جي صارفين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾ کليل ڪچهري رکي بجلي سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪيا ويندا. ٻي طرف ٽنڊوباگو ۾ حيسڪو عملدارن پاران رکيل کليل ڪچهري دوران صبح جو 8 بجي کان شام 3 بجي تائين بجلي بند رهي. رابطو ڪرڻ تي لائين سپريٽنڊنٽ فدا حسين ميمڻ ٻڌايو ته مين سپلائي بند هئڻ ڪري بجلي حيدرآباد کان بند آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو