لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ بريت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ، آشيانه اقبال ۽ رمضان شوگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته شهباز شريف صحت جي خرابي سبب حاصري جي ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي. جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ جرح دوران نيب جي ٽن شاهدن شاهدي ڏني ته جن ڪمپنين جو رڪارڊ هنن نيب کي فراهم ڪيو اهي قانون موجب هئا. رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ شهباز شريف بريت جي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رمضان شوگر ملز ريفرنس سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي هن ڪا ڪرپشن ڪئي آهي. عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 11 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو. هوڏانهن عدالت آشيانه اقبال ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ ٻين خلاف نيب جي ٻن شاهدن تي جرح مڪمل ڪندي وڌيڪ ٽن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










