شڪريا جناح ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ قاضي احمد سوڀاري

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) پاڪستان انڊس رينجرز شهيد بينظير آباد پاران نوابشاهه جي بلاول اسپورٽس ڪلب ۾شڪريا جناح  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ تعلقي نوابشاهه ۽ تعلقي قاضي احمد جي ٽيمن حصو ورتو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھه ۽ ڪمانڊر انڊس رينجرز شهيد بينظير آباد محمد رمضان خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي. ڪرڪيٽ ميچ جي  فائنل ۾ تعلقي قاضي احمد جي ٽيم تعلقي نوابشاهه جي ٽيم کي ڏھن اوورن ۾ 132رنسن جو حدف ڏنو جيڪو نوابشاھه جي ٽيم پورو نه ڪري سگھي. ڪامياب ٽيم کي ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھه ۽ ڪمانڊر انڊس رينجرز شهيد بينظير آباد محمد رمضان پاران انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھه ۽ ڪمانڊر انڊس رينجرز شهيد بينظير آباد محمد رمضان چيو ته تعلقي قاضي احمد جي ٽيم بهتر راند کيڏي جنهن جي ڪري  انهن ميچ کٽيو  اميد آهي ته نوجوان اڳتي به اهڙي جوش ۽ جذبي سان  راندين ۾ پاڻ مڃرائيندا. ڪمشنر  چيو ته پاڪستان انڊس رينجرز جو هي تمام سٺو قدم آهي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته صحت مند سرگرمين لاءِ رانديون ضروري آھن ڇاڪاڻ ته ان سان انسان جي صحت تي سٺا اثر مرتب ٿين ٿا. ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ نوابشاهه جي نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ ڪرڪيٽ ميچ جي آرگنائيزر افضل خالد آرائين آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو