شڪارپور ۾ پوليس مقابلو،ٽي ڌاڙيل مارجي ويا

شڪارپور ۾ پوليس مقابلو،ٽي ڌاڙيل مارجي ويا

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) خانپور ڀرسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا پوليس مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٽي ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته پوليس جو هڪ ڊرائيور اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو. زخمي اهلڪار کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ ڳڻتي جوڳي حالت سبب وڌيڪ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب مارجي ويل ٽنهي ڌاڙيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته انهن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مقابلي کان پوءِ فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو