شڪارپور (عبدالخالق سومرو)چيسٽ پين مئنيجمينٽ يونٽ جي قيام لاءِ اين آءِ سي وي ڊي سنڌ جي ٽيم سول اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ پڻ موجود هو. ٽيم کي دل جو وارڊ، مشينري ۽ اسٽاف بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٽيم ۾ چيسٽ پين اميرجنسي مئنيجر اين آءِ سي وي ڊي ڊاڪٽر ڪنيز فاطمه بشير بائيو ميڊيڪل مئنيجر محمد يونس، اسپوڪس مين عبدالناصر ۽ ٻيا شامل هئا. دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته چيسٽ پين يونٽ شڪارپور جي عوام لاءِ تحفو آهي ۽ جيڪو واعدو ڪيوسين اهو اڄ پورو ڪيو آهي. اڄ اين آءِ سي وي ڊيءَ جي ٽيم سول اسپتال ۾ قائم وارڊن جو دورو ڪيو آهي ۽ هتي جي انتظامن مان ڪافي مطمئن آهن. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي انچارج ڊاڪٽر نديم قمر ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ هيلٿ منسٽر ڊاڪٽر عذريٰ پيچوهو جو ٿورائتو آهي، جنهن هن يونٽ کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته ايمرجنسي يونٽ لاءِ ڪافي مشينري موجود آهي ۽ رهيل مشينري حڪومت سنڌ پاران مهيا ڪئي ويندي. هي يونٽ 8 بسترن تي مشتمل هوندو. صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽيءَ جهڙا شاندار ادارا قائم ڪيا آهن ۽ سنڌ اندر لور ٽرانسپلانٽ، ڪڊني ٽرانسپلانٽ، هارٽ سرجري، هيپاٽائيٽس، ڪينسر ۽ ٻين موضي مرضن جو علاج مفت ٿي رهيو آهي. جڏهن ته 3 صوبن ۾ صحت ڪارڊ جو نظام ناقص آهي، جنهن جون هاڻي کان ئي گهڻيون شڪايتون ٿيون آهن. هن چيو ته هن وفاقي نالائق حڪومت مان عوام جي جان ڇڏائڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ شڪارپور جو عوام ڀرپور شرڪت ڪندو. دوري دوران ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر عاشق علي شيخ، ڊاڪٽر جهانگير شيخ، ڊاڪٽر ظهير شمس ڀٽو ۽ ڊاڪٽر وينگس اياز پڻ موجود هئا.










