شڪارپور، جوابدار پيشي تي ايندي پوليس ڪسٽڊي مان فرار

شڪارپور، جوابدار پيشي تي ايندي پوليس ڪسٽڊي مان فرار

شڪارپور (ڊر) شڪارپور جيل مان هڪ قيدي عدالت ۾ پيشي دوران فرار ٿيڻ جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد پوليس لائن انچارج جي فرياد تي ڊيوٽي ۾ مبينا غفلت ڪندڙ چئن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب فرار ٿيل قيدي واحد تيغاڻي عرف ملان ولد ڀاڳيو تيغاڻي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي جو رهواسي آهي. هو ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي داخل هڪ ڪيس ۾ پيشي لاءِ شڪارپور جي ٿرڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ آندو ويو، جتان هو وجهه وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي بعد پوليس لائن انچارج جي سرڪاري فرياد تي نيو فوجداري ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن رشيد چنا، مير محمد چانگ، موسيٰ سيٺار ۽ عاشق ڀٽو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته چئني اهلڪارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب فرار ٿيل ڏوهاري واحد تيغاڻي تقريبن 11 مهينا اڳ سرينڊر پاليسي تحت پوليس آڏو پيش ٿيو هو. سندس خلاف مختلف ٿاڻن تي 45 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا، جڏهن ته مٿس 50 لک رپين انعام رکڻ جي به سفارش ٿيل هئي. ذريعن موجب قيدي جي فرار ٿيڻ واري واقعي کي جيل انتظاميا ڪجهه وقت تائين لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور فوري نوٽيس وٺندي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. پوليس لائن عملدار شير محمد شيخ موجب، قيدي واحد تيغاڻي ڊيوٽي تي مقرر چئن پوليس اهلڪارن جي مبينا غفلت سبب فرار ٿيو، جڏهن ته فرار ٿيل قيدي جي ڳولا لاءِ پوليس جون ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو