شي جن پنگ ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)شي جن پنگ مسلسل ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب شي جن پنگ 5 سالن لاءِ ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجي ويو آهي، جنهن سان هن مائو زي تنگ کانپوءِ چين جي مضبوط ترين اڳواڻ جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب اٽڪل 3 هزار ميمبرن تي مشتمل نيشنل پيپلز ڪانگريس (چيني پارليامينٽ) اتفاق راءِ سان 69 سالن جي شي جن پنگ کي ٽئين مدي لاءِ صدر چونڊيو آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ شي جن پنگ مسلسل ٽيون ڀيرو چين جي حڪمران ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو