شيل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار بند نه پيو ڪري:اسحاق ڊار

شيل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار بند نه پيو ڪري:اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته شيل پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار بند نه ڪري رهيو آهي، شيل پنهنجا شيئر ڪنهن ٻئي عالمي سيڙپڪار کي وڪڻڻ چاهي ٿو، شيل يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجو ڪاروبار ٻيهر منظم ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته شيل ڪمپني پنهنجا شيئر وڪرو ڪري پرڏيهه پئسو نه وٺي رهي آهي، شيل ڪمپني جيڪو به فيصلو ڪري ته اها حڪومت جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي.اسحاق ڊار چيو ته چين کي هڪ ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن، جلد ادائيگي لاءِ ڪجهه رقم ورتي وڃي ٿي، ناڻي واري وزارت چيني بئنڪ سان رابطو ڪيو آهي، چيني بئنڪ مقرر تاريخ کان اڳ ادائيگي ڪري. پرڏيهي ادائيگين کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سومر تي اسان چين کي ادائگي ڪئي، چين کي 300 ملين ڊالر به ادا ڪيا ويا آهن.ناڻي واري وزير چيو ته چين مان 300 ملين ڊالر جلد ملندا، فيصلو ڪيو ويو آهي ته ادائيگي فاسٽ ٽريڪ ذريعي ڪئي ويندي، 3 يا 4 ڏينهن ۾ 300 ملين ڊالر به پاڪستان واپس ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو